Saturday, 21 April 2012
Thursday, 19 April 2012
وفا شيراز نظاماڻي.
جڏهن اديب ۽ شاعر سوچين جي سمنڊ مان موتين کي ميڙڻ ۾ مصروف هوندا آهن .تڏهن مان پنهنجي خيالن کي ذهن جي ويران وادين ۾ اڪيلو ڇڏي ڏيندو آهيان ...۽ پوءِ تنهائي جو اڪيلائي سان اڻٽٽ ناتو پيدا ٿي ويندو آهي .۽ سوچ انهي سونامي جيان آهي جيڪا جڏهن سڪ جي ساگر مان اٿندي آهي ته منهنجي وجود سان لاڳاپيل هر ياد کي ڊاهي بي گھر هوا سان گڏ آڪاش تي ڪنهن رولاڪ بادل جيان مونکي به وڃائي ڇڏيندي آهي . ۽ آئون دل جي دنيا ۾ بيقرار يادن کي سهيڙيندي سهڪي پوندو آهيان ۽ اک ڇنڀ ۾ صدين جو سفر لمحن ۾ طئي ٿي ويندو آهي .۽ توسان وابسته هر ياد ۽ منظر اکين جي اسڪرين تي گردش ڪرڻ لڳندا آهن . اميدن جو سج لهي ويندو آهي ۽ آئون ڏات جا ڏيئا ٻاري اڻپوري محبت کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ ڪجھ لکڻ شروع ڪندو آهيان .... ڪاغذ ۽ قلم کان ناراض رهڻ جو اهو مطلب ڪو نه هو ته دوستن جي ساٿ مونکان تنهنجون يادون ڇني ڇڏيون . مون محفل ۾ به پاڻ کي بيابان جي ڪنهن سڪل وڻ وانگي محسوس ڪيو آهي .اها ٻئي ڳالهه آهي جو توکي محسوس ڪرڻ فطرتي عمل آهي .توکي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ آئون لفظ ياد جو سهارو نه وٺندس ڇو جو تون منهنجي وجود ۾ ورهايل رت جيان آهين جيڪو اڃان سُڪو ناهي . ڪاش تو به ڪڏهن پاڻ ۾ مونکي ائين محسوس ڪيو هُجي ها ..پر تنهنجو ڪو ڏوهه ڪونهي ڪو زندگي ۾ انسان لاءِ غم ۽ خوشي خدا پاران ڏنل تحفو آهن جيڪي ڪڏهن نه ڪڏهن ڪنهن نه ڪنهن روپ ۾ملندا آهن .۽ شايد اُنهي ۾ انسان جي آزمائش ۽ امتحان جو سفر پورو ٿيندو آهي .آئون نٿو چاهيان ته اهڙي ڪا به آزمائش تنهنجي خوشگوار جيون ۾ ڪنهن به پل امتحان بڻجي اچي .. مون اڪيلائي جي احساس کي پاڻ سان لاڳاپيل روح وانگي محسوس ڪيو آ .مون وٽ جيئڻ لاءِ جيڪي به پل بچا آهن مون تن کي تنهنجي تات ۽ عزيزن جي خدمت ۾ ارپي ڇڏيو آ .زندگي جي ڪنهن به موڙ تي پاڻ کي اڪيلو ڀائنين ته هي نيڻ هميشه تنهنجا منتظر رهندا ..ٻه لُڙڪ آلا تڏهن به هوندا متان چئين آجيان نه ٿيندي .ماڻهو وڇوڙي جي ڳالهه ڪندا آهن ۽ آئون چوندو آهيان ڪهڙي وڇوڙي جي ڳالهه ٿا ڪريو . هزارين قسم جا وڇوڙا هوندا آهن صرف ڪنهن کان ڌار ٿيڻ جو نانوءَ وڇوڙو ڪونهي ڪو بلڪه هر اهو پل جدا ٿي ويندو آهي جنهن ۾ پيار ڀريا منظر دفن ٿيل هوندا آهن .۽ بي وفائي ڪير ڪونه ٿو ڪري هي دنيا اسان سا بي وفائي ٿي ڪري ، هي وقت اسان سان بي وفائي ٿو ڪري ،هي مجبوريون اسان سان بي وفائي ڪن ٿيون ، هي زندگي اسان سان بي وفائي ڪري ٿي ڪير بي وفائي ڪونه ٿو ڪري .تنهنجي بي وفائي جيڪڏهن تنهنجي خوشين جو سبب بڻي آ ته مونکي وفا جي تلاش ئي نه هئي . گلابن جو گُلشن تو لئي هو ، آهي ۽ رهندو . مون لئي خزان جي خوشبوءَ ئي بهار جي بيقرار يادن کي ڀيٽا ڏيڻ لا۽ ڪافي آهي .
مون سمنڊ ڪناري واري جي ذرڙن کي وشال لهرن ۾ ترندي ڏٺو آ .انسان به اُنهن ذرڙن جيان ڪنهن نه ڪنهن ڏُک ۾ ترندو رهي ٿو . روز جيئي ٿو ۽ روز مري ٿو .
پکي هڪ هڪ ڪک گڏ ڪري آکيرو ٺاهيندو آهي ۽ پنهنجي نازڪ ٻچن کي ان ۾ محفوظ ڪري سندن کاڌي جي تلاش لاءِ پرڙا هڻي هڻي نيٺ اچي کاڌي جي منتظر چنهنبن ۾ کاڌو وجھي پنهنجو فرض ادا ڪندو آهي ..
۽ اچانڪ وقت جو بي رحم پٿرڪنهن پل سندس آکيري کي پٽ ڪري ڇڏيندو آهي .۽ ان پکي جا نازڪ پيارا اڻپوري کنڀن وارا ٻچا زندگي جي بازي هارائي ويندا آهن .۽ ان پکي جي رڙ آڪاش تي فضائن ۾ گونجندي رهندي آهي .تنهن پل مان پنهنجي درد کي تمام ٿورو محسوس ڪندو آهيان .۽ سوچيندو آهيان ته وقت جو بي رحم پٿر ڪنهن به پل ڪنهن جي به دنيا اُجاڙي سگھي ٿو ...ان لاءِ مون غم ۽ خوشي کي وقت سان وابسته لمحن ۾ تحرير ڪري ڇڏيو آهي .ڇا به ٿي پوي انسان کي مرڻ کان پهرين ۽ پوءِ ڪنهن نه ڪنهن حال ۾ جيئڻو ٿو پوي .....چاهي هن دنيا ۾ يا هُن دنيا ۾ .............
وفا شيراز نظاماڻي.
Sunday, 15 April 2012
Friday, 13 April 2012
Wednesday, 11 April 2012
igoogle
Watch the recorded GoMo for Publishers videos to learn how to mobilize your site
Monday, April 09, 2012 | 9:45:00 AM
As part of Google’s ongoing GoMo initiative, we hosted a live webinar a few weeks ago to help publishers learn the benefits of creating mobile-friendly sites, hear tips and case studies, and tap into new resources to get started. If you missed it, no problem! You can watch the recorded video or download the slides below.
Watch this webinar to learn:
1. Why go mobile?
Your users have gone mobile in a big way, hear why you must follow suit.
2. Tips for building mobile sites
Mobile is different. Learn 10 practical tips for building engaging, uniquely mobile experiences.
3. Best practices in action
Hear from web publisher FindTheBest about the success they’ve seen from going mobile.
4. How to get started
Google is here to help. Learn about tools we’ve created to get you started on the path to delighting
your users and maximizing your mobile revenue.
Interested in learning more? Watch the recorded webinar and download the slides.
Posted by Tuyen Nguyen - Mobile Publisher Advocate
Watch this webinar to learn:
1. Why go mobile?
Your users have gone mobile in a big way, hear why you must follow suit.
2. Tips for building mobile sites
Mobile is different. Learn 10 practical tips for building engaging, uniquely mobile experiences.
3. Best practices in action
Hear from web publisher FindTheBest about the success they’ve seen from going mobile.
4. How to get started
Google is here to help. Learn about tools we’ve created to get you started on the path to delighting
your users and maximizing your mobile revenue.
Interested in learning more? Watch the recorded webinar and download the slides.
Posted by Tuyen Nguyen - Mobile Publisher Advocate
Subscribe to:
Posts (Atom)
